درد جو ڇو انت نه آ

درد جو ڇو انت نه آ

درد جو ڇو انت نه آ

درد جو ڇو انت نه آ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري شاعره ارشاد سومرو جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن جديد صنف ‘نئين ڪويتا’ متعارف ڪرائي آهي، جنهن جو گهاڙيٽو نظم ۽ نثري نظم سان ملندڙ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. جڏهن ته آسي زميني ۽ شبانا عالماڻيءَ جا رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل 88 ڪوتائون (نظم) شامل آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن کي موضوع بڻايو آهي. ڪتاب جي ارپنا سنڌ جي شهيدن جي نانءَ ڪيل آهي. 184 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن، 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


لفظ درد جو ڇو انت نه آھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو